بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سال 26 – 2025ع جي لا??ِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر طور تي چونڊ تي خوشي جو اظهار ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته يقي??ن هي هڪ قابل فخر لمحو آهي، 182 ووٽ کڻي گڏيل قومن جو 26 – 2025ع جي لا??ِ ميمبر چونڊجڻ امن ۽ سلامتي جي لا??ِ اسان جي قوم جي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته اسان عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان عالمي دنيا جي وچ ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.