شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شه??از شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين ??واوي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سي??پڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ??زي??اعظم هواوي کي پاڪستان ۾ سي??پڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ??يانگ هوا ??زي??اعظم شه??از شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. ??زي??اعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين ??واوي ??زي??اعظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سي??پڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سي??پڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ ??زي??اعظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺه??دڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ ??زي??اعظم ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين ??واوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ??زي??اعظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم هواوي کي پاڪستان جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پاڪستان ۾ سي??پڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. ??زي??اعظم شه??از شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سي??پڪاري جي دعوت پڻ ڏني. ??زي??اعظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني. بعد ۾ ??زي??اعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين ??زي??اعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.