اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ٻڌمت جي باني گوتم ٻڌ سان منسوب ڏڻ ويساڪ جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن کي مبارڪباد ڏني آهي. سماج?? رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ويساڪ جي ڏ??نهن جي موقعي تي ٻڌمت مذهب جي پيروڪار دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. هي ڏ??نهن سڀني جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو پنهنجي گڏيل ورثي کي اجاگر ڪريون ۽ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جي لاءِ ڪوششون جاري رکون.