اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستاني?? جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئل?? جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستا?? جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. پاڪستاني?? جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ڪشمي?? ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪشميري?? جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته عوام سان پنهنجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.