لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گر??پ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گر??پ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گر??پ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لا??ِ حڪومتي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لا??ِ حڪومت ??رج??حي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پ?? شريڪ هئا.