اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اط??اعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي، 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي ح??لو ڪرڻ تي لهي آيا ??هن، انهن جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا ??ي پهرين جڏهن ته دنيا ??ي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا ??ي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ وارو هر شخص قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن اسان ائٽمي پروگرام جي مع??ار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سندس ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آهي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي ح??لو ڪرڻ تي لهي آيا ??هن. اقتدار کان دوري انهن جا هوش اڏائي ڇڏيا ??هن جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا ??هن. هن چيو ته انشاءَ الله فتح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.