اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ??ان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزي??اع??م کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م سان ملاقات ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد م??اد علي شاهه پڻ شامل هو. ان موقعي ت?? سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. وفد وزي??اع??م کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري وزي??اع??م کي خاطري ڪرائي ت?? پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي ت?? وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو. خادم پاڪستان چونڊجڻ جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.