اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2023ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. محتسب ٽيڪس ڏيندڙن جي سه??لت ۽ ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي حل لاءِ قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه صدر کي محتسب جي مجموعي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ٽيڪس محتسب 2023ع ۾ 8963 معاملن تي ڪارروائي ڪئي، ٽيڪس محتسب 2023ع ۾ 17 ارب کان وڌيڪ جي ٽيڪس ريفنڊ ڪليمز جو فيصلو ڪيو، ٽيڪس ريفنڊ جي رقم ايف بي آر پ??را?? متاثر ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ آگاهي مهم، نئين علائقائي آفيسن سان ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويا، آمريڪا، ڪئناڊا، سوئيڊن، گڏيل عرب امارات، هانگ ڪانگ ۽ فلپائن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سه??لت لاءِ اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيا ويا. ٽيڪس محتسب واپاري براد??ي جي سه??لت لاءِ مختلف صنعت ۽ واپار وارن ايوانن مان اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري ردعمل يقيني بڻائڻ جي لاءِ موبائيل ايپ تيار ڪئي وئي، ايپ سان متاثر شڪايت ڪندڙ کي موبائيل/ سمارٽ ڊيوائسز تان شڪايتون داخل ڪرائڻ، معلومات وٺڻ ۾ مدد ملندي، ملڪ جي مختلف محتسبن جي پيشيواراڻي مهارت وڌائڻ جي لاءِ معلومات تربيتي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويا. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ٽيڪس محتسب سال 2023ع ۾ رڪارڊ ڪيسز تي ڪارروائي ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 ارب رپين جي ريفنڊز جي ف??اه??ي س??را??ه جوڳي آهي. هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب متاثر ٽيڪس ڏيندڙن کي بنا معاوضي ۽ فوري انصاف ف??اه?? ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۾ بهتري، ٽيڪس ڏيندڙن جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي.