اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزا??ت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چي?? ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد گهرو وزير سا?? گڏ هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. گهرو وزير چي?? ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي ??ان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چي?? ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون ??ٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي ??ان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي سربراهه جوناٿن سا?? گڏ سيف سٽي اسلام آباد جو دورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اسلام آباد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي ??ان جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.