اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ??حافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمت?? کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق صحافت آ??ي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين ??ف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين ??ينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمت?? کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين ??حافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنه?? کي ان جي ساٿي اڳواڻ?? کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اسا?? کي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪاميابين ??ي رشڪ آهي. هن چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي اسا?? کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آ??ي. هن چيو ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، اسا?? کي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، جيڪڏهن اهو نظام ختم ٿي ويو ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسا?? کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرج?? کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين ??ي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بهترين ??ريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ صحافين ??ي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.