اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ??ئي آهي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري رونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ??ئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت واپار ۽ سرحدي ضلعن ۾ اسمگل??گ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز، فرنٽيئر ڪور جي لاڳاپيل آءِ جيز، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگل??گ جي روڪٿام جي حوالي سان رپورٽ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان ڪسٽمز، ايف سي، ضلعي انتظاميا ۽ اين ايل سي جي سرحدي علائقن ۾ ڪارڪردگي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سموريون ايجنسيون گڏجي سرحدي علائقن ۾ اسمگل??گ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن جنهن جي ڪري لکين ٽن غيرقانوني شين جي غيرقانوني درآمد روڪي ملڪي خزاني کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ??ئي ته اسمگل??گ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪري آئنده ان حوالي سان منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ آگاهه ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي سرحدي علائقن جي ماڻهن جا تفصيل جوڙي انهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جلد جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ??ئي ته سرحدي علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري زونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگل??گ جي مڪمل روڪٿام جي لاءِ سمورا ادارا خاص طور تي فرنٽيئر ڪور، ڪسٽمز ۽ ضلعي انتظاميا پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين، اسمگل??گ جي ڪڌي ڪاروبار سان رڳو ڪجهه بااثر ماڻهن کي فائدو پ??چي ٿو. هن چيو ته اسمگل??گ جي ڪري پوري پاڪستاني قوم نقصان کڻي رهي هئي ۽ حڪومت ان جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکندي، اسمگل??گ جي ذريعي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڀونڊي جواز جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن کي ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، نگران حڪومت پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن جي آخري لمحي تائين اسمگل??گ جي خاتمي لاءِ قدم کڻندي رهندي. نگران وزيراعظم هدايت ??ئي ته اين ايل سي چمن بارڊر تي پنهنجي اسڪيننگ ۽ چيڪ??گ جي منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري. هن اها به هدايت ??ئي ته پاڪستان ڪسٽمز سرحدي علائقن ۾ پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ته جيئن اسمگلنگ ۾ پڪڙيل عنصرن کي قانون موجب سزا ڏئي سگهجي، اسمگل??گ جي روڪٿام سان گڏوگڏ شهري علائقن ۾ ان مال جي طلب کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها به هدايت ??ئي ته سرحدي ضلعن خاص طور تي حساس علائقن ۾ سٺي شهرت جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ پوسٽنگ ٽرانسفر جي شفاف سسٽم کي بحال ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان سميت ٻين ملڪن جن سان پاڪستان جي ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ ٿئي ٿي، واپار واري وزارت ان جي سخت نگراني ڪري ۽ لاڳاپيل عملدارن کي شين جي برآمد جي رجحانن جي حوالي سان آگاهه ڪري. هن سرحدي علائقن ۾ قانوني واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ مڪمل دستياويزي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ??ئي ته ڪارگو جي مانيٽر??گ جي لاءِ ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فعال ڪيو وڃي.