اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله??ان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڪرمان ۾ ٿيندڙ خوفناڪ دهشتگرد حملي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام پاران ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي کي پاڪستان ۽ ايران ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو قرار ??نو جنهن جو موثر قدمن جي ??ريعي مقابلو ڪرڻ جي ??رورت آهي.