اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اج??اس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران و??يراعظم تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته نگران و??يراعظم واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نگران و??يراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران و??يراعظم چيو ته وڌندڙ عدم رواداري، زينو ??وبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. هن اسلامو فوبيا جي رجحان ۾ اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني روڪٿام ۽ گڏيل احترام، بين المذاهب هم آ??نگ?? ۽ گڏيل پرامن بقاءَ کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. اي سي او سربراهي اج??اس جي موقعي تي نگران و??يراعظم آذربائيجان ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن اي سي او جي سيڪريٽري جن??ل سفير خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، علائقائي رابطن ۽ ترقي کي فعال طور تي فروغ ڏيڻ ۽ هڪ تنظيم طور اي سي او کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ??يو.