اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ ب??تر?? آئي، آءِ ايم ايف کان ٻي قسط ملڻ ??ان رپئي جي قدر ۽ ادائيگ??ن جي توازن جي صورتحال ??ستحڪم ٿيندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي کوٽ جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عوام کي درپيش مالي مشڪلاتن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير چيو ته فارن ڪرنسي جي اگهن جو دارومدار طلب ۽ پهچ تي آهي، نگران حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ رپئي تي دٻاءُ هو، موجوده حڪومت ڪجهه انتظامي قدم کنيا، پشاور، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هُنڊي حوالا جي غيرقانوني ڪاروبار تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خاص طور تي ڪرنسي ايڪسچينج ڪمپنين ۾ ڍانچاجاتي سڌارا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿي ويو آهي، قرض جي ٻي قسط ملڻ ??ان رپئي جي قدر ۾ ب??تر?? ايندي ۽ ادائيگ??ن جي توازن جي صورتحال ??ڻ مستحڪم ٿيندي.