ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون ن??ون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ن??شنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ت?? انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ت?? غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مس??لا حل ??ري فائدو حاصل ??ري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ت?? اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مقامي مس??لا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.