اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي، موثر بارڊر ??ئنيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ ??هي. اها ڳا??هه هن افغان صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ افغان صحافين جي مسئلن، ويزا جي معاملن ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي ذميواري ??هي ته امن دشمنن جي نشاندهي ڪري ته جيئن رياست انهن کي شڪست ڏئي سگهي. هن چيو ته افغان صحافين جي ويزا معاملن تي گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو. پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور ان ڳا??هه کي يقيني بڻائيندو ته سمورا غيرملڪي قانوني طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿيا. افغان صحافين جي وفد اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جا مسئلن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.