بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي شريڪ ٿيندڙن سان کلي ڳالهه ٻولهه ??و اعزاز حاصل ٿيو. بيلٽ اينڊ روڊ (بي آر آئي) جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ اهم اڳواڻن سان ??نهنجي ڳالهه ٻولهه جي تصويرن سان گڏ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران ??زيراعظم چيو ته لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ ۽ گڏي?? فائدن جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ معززين سان کلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ??و اعزاز حاصل ٿيو.