نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري دوران اڱاري ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو

image

بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران اڱاري ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چين جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسڪالرز جي وفد سان ملاقات ڪندو. هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ڪينيا جي صدر وليم روٽو ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان پڻ ملندو. نگران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي ”ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ شريڪ عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں