اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي ۾ ڊيل جي ??اثر کي رد ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت ڪنهن به ڊيل جو حصو ڇو بڻجندي، نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ۽ کيس وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو، نگران حڪومت مسلم ليگ (ن) جي لاءِ ڪابه نرم دل نٿي رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل پليٽ فارم ”وي نيوز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. جڏهن نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت واپس اچي رهيو آهي ته نگران وزيراعظم جواب ڏنو ته هڪ نگران حڪومت اهڙي طرح جي ڪنهن به ڊيل جو حصو نه بڻجندي ۽ ڇو بڻجندي. نواز شريف جڏهن هڪ عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ته ان وقت عمران خان جي ??ڪومت هئي، ان وقت نه ته نگران سيٽ اپ هو ۽ نه ئي پي ڊي ايم پارٽين جي ??ڪومت هئي. هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن سوالن جا جواب به قانوني آهن. انوارالحق ڪاڪڙ مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نرم دل رکڻ جي ??اثر کي به مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ منهنجُون مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ 9 مئي جي واقعن کان اڳ عمران خان سان به ملا??ات??ن ٿيون. هن چيو ته آئون ڪو بيوروڪريٽ نه آهيان پر هڪ پارليامينٽ ميمبر هيس ۽ اتان استعيفيٰ ڏئي مون هي منصب سنڀاليو آهي ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي يا ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي مون سان ملا??ات??ن نه ٿا ڪن تنهن ڪري ڪنهن هڪ ملاقات کي هڪ پارٽي سان ڳنڍڻ انصاف تي ٻڌل ناهي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ جمهوريت آهي جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقيڪار جي هڪ پنهنجي ??هميت آهي. هن چيو ته عمران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو عدالتي عمل جي نتيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي نتيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ??جازت ملي ٿي ته هو حصو وٺندو پر جيڪڏهن نه ته آئون ڪيئن ان تي پابندي کي ختم ڪري سگهان ٿو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سندس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان جيتريون ملا??ات??ن ٿيون آهن ان موجب چونڊن جون تياريون مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر چونڊن ۾ سيڪيورٽي جي ??والي سان خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. اليڪشن ڪميشن جنوري ۾ چونڊن جي ??والي سان پنهنجا انتظام گهڻي حد تائين مڪمل ڪري چڪي آهي، تڪبندين سميت ٻين معاملن تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، سيڪيورٽي ۽ پولنگ بوٿ جي ??والي سان به انتظام حتمي مرحلي ۾ آهن ۽ کيس ڪو به شڪ نه آهي ته جنهن تاريخ جو به اعلان ڪيو ويندو، ان تي چونڊون ٿي وينديون. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سرديءَ ۾ برفباري سبب ووٽنگ جي ??رح گهٽ ٿئي ٿي ته نگران وزيراعظم چيو ته ووٽنگ جي ??رح گهٽ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته جمهوريت جي گهرج آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو فيصلاسازي جي ??مل ۾ شريڪ ٿين. هن چيو ته موسم هڪ عامل ضرورت هوندي آهي پر ملڪ جي وڌيڪ آبادي وارن علائقن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موسم جا اثر اهڙي نوعيت جا ناهن هوندا، ها باقي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موسم جا ٿورا اثر پئجي ??گهن ٿا. اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڏنل پنهنجي ??دن جي ??ساب سان ئي ڪو فيصلو ڪندي. غيرقانوني پناهگيرن بابت هڪ سوال جي ??واب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي پناهگيرن کي نه ڪڍي رهيا آهيون پر رڳو غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ڪڍي رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ آر ايس ايس جي ????چ ۽ ڪشمير جو مسئلو رڪاوٽ آهي، آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري اچڻ گهرجي پر حقيقت پسنداڻي طور تي ڏٺو وڃي ته في الحال ان جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته ڀارت ڏ??ڻ ايشيا ۾ هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن، سکن ۽ ٻين اقليتن جي لاءِ زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ??مڪانن بابت سوالن جي ??واب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ان بابت ڪو به غور فڪر نه ٿي رهيو آهي. اسرائيل هڪ غاصب رياست هئي ۽ آهي ۽ اسان فلسطينين جي ??قن ۽ فلسطيني پناهگيرن جي ??نهن جي ??مينن تي واپسي جا حامي آهيون. معيشت بابت هڪ سوال جي ??واب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته معيشت جي ??هتري لاءِ کڻڻ وارن قدمن جا ڏورس اثر پوندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام قانونسازي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو آهي ۽ وڏا معاشي فيصلا انهي پليٽ فارم تان ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڊالر جي ??گهه جو هيٺ اچڻ اڳ ۾ به ٿيو آهي پر ڊالر جي ??گهه ۾ 40 کان 45 رپين جي هڪدم گهٽتائي پهريون ڀيرو ٿي آهي ۽ جيئن ته عام ماڻهن، ميڊيا ۽ ڪاروباري طبقي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فائدن کي ڏسي ورتو آهي، ان جي لاءِ ان جو جاري رهڻ ضروري هوندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ فوج مددگار ڪردار ادا ڪندي معاشي بحالي جي ??مل کي سگهه ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي مسئلن جي ??والي سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جو هڪ مسئلو سيڪيورٽي آهي ۽ ٻيو وسيلن جي گهٽتائي ۽ ڪجهه انتظامي خاميون شامل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ ايپڪس ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ گهوسٽ اسڪولن ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه ماڻهن مالي فائدو کنيو پر بلوچستان جي ??وام متاثر ٿي.