اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪشميري عوام تي ڏا?? جو خاتمو ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي انساني ح??ن جي لاءِ اسپيشل پروسيجرز هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي قابض فوج پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل علائقي ۾ صحافين سميت سول سوسائٽ?? جي ميمبرن، انساني ح??ن جي ڪارڪنن ۽ سياسي شخصيتن تي پابنديون هڻڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه??. ت??جمان چيو ته گڏيل قومن جي اسپيشل پروسيجرز ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ڀارت جي دهشتگرد?? جي خاتم?? جي قانونن جو فريم ورڪ انساني ح??ن جي خلاف ورزين ۽ عالمي انساني ح??ن جي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومنج ي خصوصي طريقيڪار اڳ ۾ ئي والاريل علائقي ۾ انساني ح??ن جي خلاف ورزين جي انفرادي الزامن تي ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي جن ۾ غيرقانوني حراست، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگي، تشدد، اڻوڻندڙ سلوڪ، ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ هيومن رائيٽس ڪميشن جي اوچتو بندش شامل آهي جنهن خط?? جي ماڻهن کي انهن جي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي خلاف ورز?? جي ازالي ۽ جوابده?? جي لاءِ تمام گهٽ قانوني سهولت فراهم ڪئ??. ت??جمان چيو ته گڏيل قومن پاران تازه ترين بيان هڪ ٺوس دستاويز آهي جنهن ۾ دهشتگرد?? جي خاتم?? جي قانونن تحت والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي خلاف ورزين جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڀارت تي انساني ح??ن جي رڪارڊ ۽ والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال تي فرد جرم لاڳو ڪري ٿو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام تي پنهنجو ڏا?? ختم ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري.