اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کي سياست يا اليڪشن سان ڳنڍڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي، ته عمران خان کي حڪومت گرفتار ناهي ڪ??و، ان جي گرفتاري جو اليڪشن يا سياست سان ڪو به ??علق ناهي، کيس توشه خانه مان چوريءَ تي عدالت مان سزا ملي، ڇا اليڪشن کان پهرين سڀني چورن جي سزا روڪي وڃي؟ عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالها??و، ڪوڙ ڪڏهن به ??چ ثابت ناهي ٿيندو، عدالتي فيصلو اچي چڪو آهي ۽ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان پنهنجي مٿان لڳل ڪنهن به ??لزام جو جواب نه ڏئي رهيو هو، جڏهن به ??ن کان جواب گهريو ويو ته هن ادارن تي حملي آور ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين هميشه مخالفن تي الزام لڳايا ۽ جڏهن پاڻ تي الزام لڳو ته جواب پيش نه ڪري سگهيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڏوهن جي جاچ هڪ سال کان جاري هئي، توشه خانه ڪيس ۾ 40 کان وڌيڪ پيشيون ٿيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين صرف 3 پيشين تي حاضر ٿيو. جوابدار کي صفائي جو پورو موقعو ڏنو و??و، ڪيس ۾ سڀئي قانوني گهرجون پوريون ٿيون ۽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو آهي، توشه خانه ڪيس م س??دس چوري پڪڙي وئي، عمران خان توشه خان جا تحفه خريد ڪري بعد ۾ وڪرو ڪيا، ان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به ??علق ناهي، ان کي چوري تي عدالت مان سزا ٿي آهي، هن چيو ته عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ به ڪوڙ ڳالها??و، سائفر جي معاملي ۾ به ڪوڙ ڳالها??و، چونڊ گوشوارن ۾ به ??حيح اثاثه ظاهر نه ڪيا، عمران خان فار بي ۽ ٽيڪس ريٽرنز 18-2017ع، 20-2019ع ۽ 21-2020ع جي ڊڪليئريشن ۾ 3 گهر ظاهر ڪيا ۽ بني گالا جو 300 ڪينال جو گهر، زمان پارڪ جو 8 ڪينال جو گهر ۽ س??دس گهر واري جي بني گالا جي 3 ڪينال جي گهر ۾ صرف 5 لک رپين جو فرنيچر ظاهر ڪ??و، هڪ تولو سون به ??ن ظاهر نه ڪيو پر پنهنجي ڊڪليئريشن ۾ هر سال 2 ٻڪريون ايمانداري سان ظاهر ڪيون. هن چيو ته هڪ چور 15 مهينن کان پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ڀڄندو ره??و، عمران خان کي گهڙيون، ڊائمنڊ سيٽ ۽ منڊيون تحفي ۾ مليون ۽ تحفه خريد ڪرڻ کان پهرين وڪرو ڪيا ۽ سڄي ڪيس ۾ گهڙي وڪڻڻ جو ڪو به ??بوت نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته 9 مئي جو واقعو ڇو ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ چور پنهنجي احتساب کان ڀڄي رهيو هو، جنهن قانون آڏو پيش ٿيڻ تي جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪ??و، پوليس گرفتاري وارنٽ کڻي وئي ته ان تي پيٽرول بمن سان حملو ڪيو ويو. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس، فارن فنڊنگ ڪيس ۽ سائفر جي ڪوڙ جي سزا به ??ڃا باقي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي گرفتاري کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ درست ناهي، نواز شريف 3 ڀيرا چونڊيل وز??راعظم رهيو آهي، ان جو پاناما ۾ نالو نه هو پر ان شخص هن تي الزام لڳايو جنهن تي نواز شريف سپريم ڪورٽ کي پاڻ خط لکي چيو هو ته منهنجو احتساب ڪ??و، مان ملڪ جو وز??راعظم آهيان مون تي ڪوڙو الزام لڳو آهي. نواز شريف پنهنجي خاندان جو 40 سالن جو حساب ڏنو، نواز شريف کي چونڊ وڙهڻ کان روڪيو ويو ۽ پارٽي صدارت تان هٽايو ويو. هن چيو ته عمران خان وز??راعظم جي ڪرسي تي ويهي قومي خزاني کي لٽيو هي فارن ايجنٽ آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ فساد ڪرائيندو آهي. هن چيو ته عمران خان کي حڪومت گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن حڪومتي اداري ان خلاف فيصلو ڏنو آهي. جيڪڏهن حڪومت کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته اپريل 2022ع ۾ گرفتار ڪري ها پر اسان جو مقصد سياسي انتقام نه پر ملڪ جو معاشي استحڪام هو. هن چيو ته عمران خان 9 مئي جي واقعن جو سڄو ملبو پنهنجي ورڪرن تي وڌو، عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته عمران خان وٽ جواب نه هو، ان ڪري هو دٻي، بالٽي ۽ ڪنستر وجهي ڪري عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو. عمران خان پنهنجي خلاف سڀني ڪيسن ۾ ڪوڙا بيان جمع ڪرايا، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ 9 مئي جي واقعن جي منصوبا بندي ڪئي، حساس عمارتن تي حملا ڪرايا، ميٽرو بسون ساڙيون، اسڪول ساڙيا، اسپتالون ساڙيون، ايمبولينسون ساڙيون چور سان گڏ ڪير به ناهي بيهندو ان کي اڪيلي ئي جيل وڃڻو هوندو آهي ۽ اڄ اهو ئي ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ کي سچ ثابت ڪندو ره??و، ڪوڙ ڪڏهن به ??چ ثابت ناهي ٿيندو، عدالت جو فيصلو اچي چڪو آهي ۽ ان جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي. عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به ??علق ناهي. جيڪڏهن ڪو سياسي ڪارڪن يا ورڪر چوري ڪندو آهي ته ان ??ي معاف نٿو ڪري سگهجي. ڇا اليڪشن کان پهرين سڀني چورن جي سزا روڪي وڃي؟ عمران خان پنهنجي دفاع ۾ صرف اهو ئي چوندو رهيو ته مون کي خبر ناهي، منهنجي ايم ايس کان پڇو.هن چيو ته عمران خان 190 ملين ڪيس ۾ پنهنجي ڪابينه ميمبرن تي الزام لڳائيندو آهي ته انهن فيصلو ڪيو هو. عمران خان ملڪ جي ڪابينه ۽ قانون ??ي مذاق بڻائي ڇڏيو. 4 سال وز??راعظم جي ڪرسي تي ويهي قومي خزاني کي لٽيندو رهيو. هن 4 سال سموري مخالف ڌر کي جيلن ۾ بند ڪري حڪومت ڪئي،هن چيو ته اڄ هڪ چور گرفتار ٿيو آهي، چور سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، چونڊن جي حوالي سان هن چيو ته چونڊ ٿيندي ۽ عوام ان کي ئي ووٽ ڏيندو جنهن قومي خزاني جي چورن کي پڪڙيو آهي ۽ عوام کي رليف ڏنو آهي. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وز??ر ميڊيا ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي وضاحت ڪندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وز??راعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو. بلوچستان جي وڏي وز??ر جي دير سان پهچڻ سبب اجلاس ۾ 2 ڪلاڪ وقفو ڪ??و، اڍائي وڳي اجلاس ٻيهر شروع ٿيندو، اجلاس جي ايجنڊا آئيٽمز تي اڃا تائين ڪو به ??تمي فيصلو ناهي ٿيو.