اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏ??هي وزارت پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تا??ين پاڪستان جو پهريون ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. ايراني پرڏ??هي وزير اڄ خميس ڏي??هن پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي. ايراني پرڏ??هي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ايراني پرڏ??هي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو جن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏ??هي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پرڏ??هي وزير جي دوري بابت تيارين جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. ايراني پرڏ??هي وزير عبداللهيان جو هي دورو ٻنهي ڌرين جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو ج??هن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.