مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 ??زا?? 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سهولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي ش??زا??ه محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان سعودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان ??دم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان ??دم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي ??وج?? سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سن??ن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.