اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين جاري رهندي، قرباني جو اهو جذبو ??ڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو ??وجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ گڏجي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گڏجي ان جي ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد جون خوشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترق?? ۽ ??ربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين تائين قربان ڪري ڇڏيون. آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ جون حقيقي خوشيون نصيب فرمائ?? ۽ ??سان جي قرباني کي شرف قبوليت بخش?? ۽ ??سان کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.