اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري و??اقي وز??ر راڻا تنوير حسين چيو آهي ته جهڙي طرح گذريل چئن سالن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، ادارن کي تباهه ڪيو ويو، انهن حالتن ۾ موجوده اقتصادي ٽيم متوازن ۽ بهتر بجيٽ پيش ڪيو آهي، ا??ان پاڪستان لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي، جنهن وقت ا??ان اقتدار ۾ آياسين ته ا??ان کي گذريل حڪومت جي تباهڪارين جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني وڃي ته ا??ان جا وار ڪانڊارجي و??ا پر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائيندي ڏينهن رات ڪم ڪيو، عمران خان 2013ع ۾ ئي قوم کي سول نافرماني جي ترغيب ڏئي رهيو هو ان جي خلاف انهي و??ت ڪارروائي ٿيڻ گهربي هئي. ايندڙ مالي سال 24 -2023ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي و??اقي وز??ر راڻا تنوير حسين چيو ته مشڪل ترين اقتصادي حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪيو، گذريل چئن سالن جي حڪومت معاشي حالتن کي تباهه ڪري ڇڏيو، ا??ان کي ان جو ڪجهه پتو هو، پي ٽي آءِ جا ميمبر پاڻ ادارن ۽ معيشت جي تباهي جي ڪري ان حڪومت جي خلاف هئا، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ بريفنگ ۾ وار ڪانڊارجي و??ا، ا??ان جي اندازي کان وڌيڪ تباهي سامهون آئي، اهو سمجهڻ کان قاصر هئاسين ته ڪٿان کان شروع ڪريون، ا??ان جي اقتصادي ٽيم جو ٽريڪ رڪارڊ به سامهون هو، ماضي ۾ ڪافي درستگي ڪئي، 2013ع ۾ به حالتون سٺيون نه هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ بدترين هئي، ناڻي واڌ 12 سيڪڙو هئي، مٽاسٽا جو ناڻو گهٽ ترين سطح تي هو، ايستائين جو ڪنهن ??عب?? ۾ بهتري نه هئي، نواز شريف جي سربراهي ۾ 3 سالن ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳا، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي، وز??راعظم کي اقامي تي ڪڍيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ وز??راعظم گريڊ 20 جي آفيسر جي سامهون پيش ٿيندو رهيو، هتي جيڪو ٿيو سڀني کي خبر آهي، پوءِ الزام تراشي جو دور آيو، نواز شريف دور ۾ فارن ريزرو 23 ارب ڊالر کان ٽپي و??ا، اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي و??و، ناڻي واڌ 4 سيڪڙو تائين اچي وئي، هر ??عب?? ۾ بهتري آئي، ڊالر 105 روپين تي هو، گذريل حڪومت ڪرنسي جو برو حال ڪيو، ا??ان خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان ورثي ۾ ڏنو، پرڏيهي قرض ورتو ته 1700 ڪلوميٽر موٽر ويز ٺهيون، ميٽرو، بندرگاهون ٺهيون، بجلي جا منصوبا لڳايا ويا، هن چيو ته هڪ عالمي سازش تحت عمران خان کي آندو ويو، هن ماضي ۾ به ادارن تي حملا ڪيا، ان جي ان وقت جون تقريرون سول نافرماني هيون، مٽاسٽا جو ناڻو هنڊي ذريعي موڪلڻ جا سبق ڏيندو رهيو، بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو چيو، ان تي ان وقت ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي روڪڻ جي ضرورت هئي، ا??ان ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون، 2018ع جي چونڊن لاءِ عام ڌانڌلي ڪئي وئي، پري پول به ڀرپور ڌانڌلي ٿي، معيشت، پاڪستاني ادارن ??ان راند کيڏي وئي، عمران خان جي مزاج خلاف جنهن ڳالهايو ان تي ڪاهه ڪئي، هن پارليامينٽ جي توهين ڪئي، هن ايوان مان 2013ع کان 2018ع دوران به استعيفا ڏني، پوءِ واپس اچي پگهار به ورتا، عمران خان پاڻ پگهار ورتو، هي ڪا سياسي پارٽي ناهي پر هڪ جٿو هو جيڪو رکيوويو هو، ا??ان سڀني جيلون ڪٽيون، هي ٻه ڏينهن جيل ڪٽي نٿا سگهن ۽ روئي رهيا آهن، سياسي ڪردار بڻائڻ قوم جو ڪم آهي، وفاداريون بدلائڻ وارن کي ٻيهر قوم ووٽ ناهي ڏيندي، عمران خان جي حڪومت کانپوءِ ا??ان جهاد ڪيو، ڪا سياسي پارٽي پنهنجي عوامي حمايت نٿي وڃائڻ چاهي پر ا??ان رياست لاءِ سياست قربان ڪئي، هي قرباني پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ هئي. هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ لاءِ هر ڪم ڪيو، پرڏيهي سازش جي حوالي ??ان جهڙي طرح ڊپٽي اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو سهارو وٺي هتي جيڪا رولنگ ڏني جيڪڏهن ان تي عمل ٿي وڃي ها ته ماضي ۾ نيپال، بنگلاديش کان عمران خان وانگر سائفر گهرائي بي اعتمادي رٿ رد ڪئي وڃي ها، اهو چوڻ هو ته آئون اقتدار مان نڪتس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي و??ندس ۽ هن ادارن تي حملا ڪري ثابت ڪيو، هن ايوان مان 150 ميمبر وٺي نڪري و??و، ان جو ڪم عدم استحڪام پکيڙڻ هو، آءِ ايم ايف کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وز??رن خط لکيا ته پروگرام نه ڏيو، پنهنجي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ آمريڪا جي دوري کانپوءِ ان جي ڪاميابي جو سهرو بشريٰ بي بي کي ڏنو ويو، پاڪستان اڄ جتي بيٺل آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي، ڇا قوم اهڙن ماڻهن جي ٻيهر چونڊ ڪندي، ڀٽو جوهري پروگرام شروع ڪيو، نواز شريف ڪلنٽن جي طرفان 5 ارب ڊالر جي آفر ٿڏي ايٽمي ڌماڪا ڪرايا، انهن سمورين حالتن جي باوجود موجوده اقتصادي ٽيم بهترين بجيٽ پيش ڪيو، هن متوازن بجيٽ ۾ هر ??عب?? جو احاطو ڪيو ويو، عوام کي رليف ڏنو ويو، زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي واري هڏي آهي ان کي اولين ترجيحن ۾ رکيو ويو آهي.