اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شع??ي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاور ڊويزن جي 37 جاري ۽ 7 نئين اسڪيمن جي لاءِ مجموعي طور تي 31911.387 مل??ن رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب 37 جاري اسڪيمن جي لاءِ مجموعي طور تي 26579.387 مل??ن رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 5341 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن. 37 جاري سڪيمن مان رڳو هڪ اسڪيم ڪول فائرڊ پاو?? پراجيڪٽ جنڪو – 1 ڄامشورو جنهن جي لاءِ مجموعي طور تي 12000 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ غيرملڪي 3000 ملين جي امداد شامل آهي جنهن کي اينڪ 2014ع ۾ منظور ڪيو هو. انهن مان 36 جاري اسڪيمن جڏهن ته نئين اسڪيمن ۾ ڪنهن به قسم ??ي غيرملڪي امداد شامل نه آهي.