اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو ناروي جو 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو، دوري دوران هن ناروي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقاتون ??يون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير ناروي جي پارليامينٽ ۾ پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ڪميٽي جي چيئرپرسن اين ايرڪسن سورائيڊ ڪري رهي هئي. ناروي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ سان ملاقات ۾ ڌرين 75 سالا ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. مملڪتي وزير ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ناروي جي فراخدلاڻي مدد تي ??ور?? مڃيا. ڌرين پاڪستان ۾ مائيڪرو ها??يڊ??و پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گرين انرجي، شپنگ ۽ بليو اڪانومي ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون ??هڙن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي ??لامتي کي درپيش مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ عالمي ??من کي لاحق خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ناروي عالمي قانونن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي ??ڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. مملڪتي وزير نارويجن انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز کي خطاب ڪيو جتي هن عالمي ??من ۽ سلامتي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي، عالمي ??ياسي نظم ۽ ضبط تي ان جي اثرن ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي موقف بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب ۾ سفارتڪارن، سياستدان، ناروي جي پرڏيهي وزارت جي عملدارن، ناليوارن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير نارويجن ڪمپنين جي اعليٰ انتظاميا سان پڻ ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ اڳ کان ڪاروبار ۾ آهن جن ۾ ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيدنٽ ٽيلي نار ريٽا اسڪجائيرڪ، سي اي او اسڪيٽيڪ ٽيرجي پِلسوگ، سي اي او جوٽن پينٽس مورٽن فان، چيئر نور ها??يڊ??و رابرٽ اسٽوربيڪ ۽ سي اي او نور ها??يڊ??و رخسانه حامد شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن جي سيڙپڪاري ناروي جي ٻين نجي ڪمپنين کي پاڪستان سان ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي. مملڪتي وزير ايس ايم ايز ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ نوجوان ۽ خواهشمند نارويجن واپارين جي هڪ گروپ سان پڻ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اجلاس ۾ ناروي جي شپ اونرز ايسوسيئيشن جي سينيئر نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير جو هي دورو پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻارهون ??جلاس منعقد ٿيڻ کان اڳ ٿيو. بيان موجب ناروي جي قيادت سان ان جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪيل فيصلن سان اڳتي جي مشاورت جي ايجنڊا جي رهنمائي ۾ مدد ملندي. 6 مهينن جي عرصي ۾ نائب پرڏيهي وزير جي سطح تي ٻطرفي دورن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين تحريڪ فراهم ڪئي آهي ڇو ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.