اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪندي ??يو آهي ته چونڊون بهرحال ٿيڻيون ئي آهن، چونڊون نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس جواز نه آهي، پاڪ فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ??يو ويو آهي ته فوج غيرسياسي ادارو آهي، عوام پاڻ رست?? تي نه ٿي اچي پر سياستدان آئين جي تحفظ جي لاءِ انهن کي متحرڪ ڪن ٿا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته آئين کان ڪنهن به صورت ۾ انحراف نه ٿيڻ گهرجي، اهو ??يو پيو وڃي ته چونڊن جي لاءِ پئسا نه آهن پر ترقياتي منصوب?? تي ڪم جاري آهي. هن ??يو ته ملڪ جي اندر حالتون خراب نه آهن ۽ نه ئ?? جنگ ٿي رهي آهي جو چونڊون نه ٿي سگهن، ان حوالي سان ڪو جواز قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن ??يو ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه دوران به وقت تي چونڊون ڪرايون ويون اهو طرزعمل جمهوري قدرن کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿو. جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اصول?? تي ڪاربند رهيو وڃي. هن ??يو ته هو گذريل 10، 15 سالن کان شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي حمايت ڪري رهيو آهي پر ان ڏس ۾ لاڳاپيل فورم پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو انهي جي ڪري هر اليڪشن کانپوءِ ڌانڌلي جا آواز اٿن ٿا. هن ??يو ته جيڪي قومون دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجا مسئلا حل حل نه ٿيون ڪري سگهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿيون. هن ??يو ته 250 کان وڌيڪ بل مون وٽ موڪليا ويا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بل سميت ڪجهه بل?? تي مون کي خدشا هئا جيڪي منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ مديني جي رياست ته نه ٺهي سگهي پر رخ جو تعين ٿيڻ به اهم هوندو آهي. هن ??يو ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ آهي پر ان بنياد تي مون هن عهدي جي تضحيڪ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني آهي.