اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مط??لب?? جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته محمد ياسين ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي ??نهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني طو?? تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي ??تي سياسي اڳواڻن ۽ انساني ح??ن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خل??ف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي طو?? تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مط??لب?? کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني ح??ن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طو?? تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني طو?? تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.