اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪ??ڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ??هشتگردي جي سمورين ??ڪلين ??ي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين ??نياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪ??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪ??ڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ??يڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪ??من سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائ??يڪ??ر جنرل عبدالحميد ڪئي.