ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چ??لي??جز درپيش آهن، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ريليف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت ملڪ کي مشڪلاتن م??ن ڪڍندي، ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن جو پاڪستان بڻائينداسين. ڊيره غازي خان ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته پنجاب ۾ وڏي وزير محسن نقوي ۽ صوبائي حڪومت جي نگراني ۾ مفت اٽي جي ورڇ جاري آهي، ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چ??لي??جز درپيش آهن، اتحادي حڪومت پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي رهنمائي ۾ گڏجي انهن مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن م??ن ڪڍنداسين. هن چي?? ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽي جي ورڇ جو و??و پئڪيج ڏنو ويو آهي، اڳ ۾ مون کي به خدشا هئا پر اهو ڪم خوش اسلوبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، رمضان المبارڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڪانن تي سستي اٽي جي فراهمي تي غور ڪيو ويندو، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ بحالي اسان جو اولين فرض آهي جنهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي قدم کڻي رهيون آهن، ان بهترين سلسلي کي ڪامياب ڪرائين، اٽي جي مفت فراهمي جي لاءِ بهترين انتظامن تي چي?? سيڪريٽري پنجاب، راجن پور، ليه، مظفر ڳڙهه ۽ ڊيره غازي خان جي انتظاميا جا قدم ساراهه جوڳا آهن، الله تعاليٰ اسان کي اڃا وڌيڪ همت ڏي ته اسان پاڪستان جي عوام جي خدمتون ڪريون، اٽو حاصل ڪرڻ ۾ صبر ۽ تحمل ۽ برداشت س??ن ڪم وٺو ۽ امن امان برقرار رکو، عورتن، بزرگن، بيمار ۽ خصوصي ماڻهن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي، اسان ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن جو پاڪستان بڻائينداسين.