اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سع??د احمد شيخ جي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر سع??د احمد شيخ کي وقتي طور تي نيشنل پريس ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سع??د احمد شيخ نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي باقاعده طور تي مقرري تائين خدمتون سران??ام ڏيندو. صدر اڳوڻي چيئرمين منير احمد خان کي نااهلي ۽ عوامي فنڊز ۾ بي ضابطگين تي عهدي تان هٽائڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي عهدي لاءِ ايم پي ون اسڪيل جي پڻ منظوري ڏني. صدر اهي منظوريون نيشنل پريس ٽرسٽ (چيئرمين جي مقرري) ايڪٽ 1972ع تحت ڏني آهي.