اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري (سالڊ ويسٽ) کي تلف ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، ٺوس ڪچري کي تلف ڪرڻ جو ماڊل پنجاب ۾ موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران ج??ري بيان مجب وزيراعظم چيو ته اسان لاهور ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي لاءِ عالمي معيار ??و منصوبو ٺاهيو. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ به ٺوس سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جي لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ کان وٺي لينڊ فل سائيٽ تائين منتقلي جي سمورن مرحلن کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي ۽ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ڪچري سان بجلي پيدا ڪرڻ جي م??صوباسازي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي م??صوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري جي م??صوبي تي ڪم تيزي سان ج??ري آهي ۽ ان جي لاءِ لينڊ فل سائيٽ جي چونڊ پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ جا سمورا مرحلا آئوٽ سورس ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار ??ون بهترين خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ حڪومت جو خرچ به گهٽ کان گهٽ ٿئي. اجلاس کي ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي م??رر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي م??مبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، ڪمشنر اسلام آباد، ڪمشنر راولپنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.