اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پن??اب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضا?? پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پن??اب ۾ رمضا?? پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريو?? پئڪيج آهي جيڪو وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پن??اب صوبي ۾ غريب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضا?? پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب خاندانن کي رمضا?? پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پن??اب ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضا?? پئڪيج جي غريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پن??اب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضا?? پئڪيج جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پن??اب جي نگران وڏي وزير سيد م??سن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ ع??لدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.