لاهور – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ي??نيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي قومي ۽ معتبر عالمي ي??نيورسٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪندي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻن، تعليم يافته ۽ هنرمند افر??دي قوت جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي تعليمي ذريعي سان گڏوگڏ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي دوري دوران ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. لم?? جي پرو چانسلر عبدالرزاق دائود، ريڪٽر شاهد حسين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد، بورڊ آف ٽرسٽيز ۽ ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن ۽ يونيورسٽي جي سينيئر قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي قومي ۽ ناليوارين ۽ معتبر عالمي ي??نيورسٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪن، يونيورسٽين کي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته ملڪي ي??نيورسٽين کي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مسلسل ٿيندڙ اڳڀرائين سان هم آهنگ رهڻو پوندو جڏهن ته پاليسي ۽ فيصلاسازن، ريگيوليٽري ادارن ۽ بيوروڪريسي کي جدت ۽ ترقي جي خلاف پنهنجي روايتي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان کي جديد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي مقرر وقت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي، يونيورسٽيون نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي نصاب سان ڳنڍين، هنرمند معياري گريجوئيٽس تيار ڪن جيڪي جديد دنيا جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل هجن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايجادن ۽ بهتري علم ۽ معلومات جي رواني پيدا ڪئي جڏهن ته معلومات ۾ اضافي سان ياد ڪرڻ ۽ روايتي انداز ۾ رٽو لڳائڻ جي ضر??رت ختم ٿي وئي آهي، يونيورسٽيون پنهنجي شاگردن ۾ معلومات جي بنياد تي درست فيصلاسازي، تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ جي مهارت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته يونيورسٽيون روايتي تعليم ذريعي کانسواءِ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي استعمال ڪن ته جيئن تعليم يافته ۽ هنرمند افر??دي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، اهڙي طرح يونيورسٽين ۾ داخلائن جي خواهشمند شاگردن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ داخلا ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم آسان ۽ سستي آهي، ان کي آساني سان توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم فارغ ٿيندڙ شاگردن جي معيار ۽ مهارت تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪامياب آهي. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان برين ڊرين جي ڪري معياري انساني وسيلن کان محروم ٿيو آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اعليٰ تعليمي يافته ?? قابل افر??دي قوت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ ذريعا جوڙين. بعد ۾ صدر کي لم?? جي قيادت اسٽريٽجڪ ترجيحن، اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ مسئلن ۽ معياري تعليم جي فراهمي ۾ لم?? جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان هيستائين 17000 کان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. لمز آن لائين ڪورس جي مواد جي ڪاٿي کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، يونيورسٽي ملڪ ۾ پاليسي سازي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته لمز يونيورسٽي ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتص??دي ترقي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان گڏجي سرگرم عمل آهي. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعليم يافته ۽ هنرمند افر??دي قوت جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ ۾ لم?? جي ڪردار کي ساراهيو.