اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ??يندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته غيررسمي تعليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کل??دي ڏسي دلي س??ون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خا??ون اول چيو ته اسان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ??تي موجود آهيون ۽ انهن ٻارن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته اسان جا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان انهن ??ي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ گهرجي. خا??ون اول چيو ته ملڪ ۾ تعليم خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي تعليم يافته هجڻ گهرجي. هن ??يو ته ڇوڪرين جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻار معاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خا??ون اول چيو ته هن ٻارڙين جي تعليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ ??عاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ ??عال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصي??ون ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.