اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي سزا خلاف اپيلن جي منظور?? جو حڪ?? نامو جاري ڪندي کين ايون فيلڊ ريفرنس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت طرفان ٻن صفحن تي ٻڌ?? لکت واري حڪ?? نامي ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف اپيلون منظور ڪيون ويون آهن، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا جو احتساب عدالت جو حڪ?? غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي سمورن الزامن مان بري ڪيو وڃي ٿو، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.