اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان گڏ بل??چستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي عارضي ڪيمپ ۾ هڪ اهڙي خاندان سان ملياسين ج??ي گذريل رات هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، ٻوڏ متاثر خاندان جي گذريل رات پيدا ٿيندڙ معصوم ٻار کي هنج ۾ کڻي تصوير ٽوئيٽر تي به شيئر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ڏٺو ته اها پيدائش انساني ا??مئي ۾ نئين زندگي، تجديد ۽ اميد جي هڪ علامت آهي.