اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشي??ت ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشي??ت ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏني ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منشي??ت ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ??ري ويو آهي. هيروئن يا مارفين جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان وڌيڪ قيد ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. ??في?? جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.