اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پ??ڪس??ان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لا??ِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزي?? ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پ??ڪس??ان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پ??ڪس??اني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزي?? ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.