اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آزادي جو ڏينهن اسان جي شهيدن جي ناقابل فراموش قربانين کي خراج ت??سين پيش ڪرڻ ک??نسواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، اسان جي شهيدن سدائين پنهنجي خون سان پاڪ وطن جي حفاظت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ آئون بلوچستان هيليڪاپٽر سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر ويس، مون گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته آزادي جو ڏينهن اسان جي شهيدن جي ناقابل فراموش قربانين کي خراج ت??سين پيش ڪرڻ ک??نسواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. اسان جي شهيدن سدائين پنهنجي خون سان پاڪ وطن جي حفاظت ڪئي آهي.