اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪست??ن جي شموليت سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني ت??دي?? ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪست??ن جي شموليت ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ ت??دي?? ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اسان ج?? شهري شادي جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفيسرن کان ت??دي?? ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ ت??دي?? جي ضرورت کانسواءِ عا??مي سطح تي قبول ڪري سگهبو.