اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن علائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آه??. وزيراعظم عمران خان سينٽرل بزنس ڊ??ٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري ص??بائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي ص??احڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذر??عي شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آه??، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آه??، وزيراعظم سينٽرل بزنس ڊ??ٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آه?? ان کي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آه??، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آه?? ته هو سينٽرل بزنس ڊ??ٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آه??. ان کان اڳ اجلاس کي سينٽرل بزنس ڊ??ٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي تعمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آه??.