اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صن??تي ترقي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صن??تن جو فروغ، بي??ار صنعتي يونٽس ??ي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بي??ار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صن??تون قائم ڪرڻ جي لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پ??ندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو پ??انٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بي??ار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صن??تون حاصل ڪري سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ بي??ار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت وا??س آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت وا??س آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو.