اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ مح??سب پاران سال 2021ع دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيد??رن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مح??سب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ مح??سب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علو?? سان ملاقات ڪئي ۽ اداري ج?? سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ مح??سب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ مح??س?? گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيد??رن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ مح??سب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مح??سب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ مح??سب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ مح??سب جي ڪارڪردگي ک?? ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ مح??سب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ مح??سب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملد??رن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر مح??سب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيد??رن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.