اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لا??ِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لا??ِ آيل پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي لا??ِ جاپان جي فني معاونت س??يت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ا??رف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن ا??ان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته افغانستان جو امن دنيا جي امن جي لا??ِ لا??مي آهي، دنيا کي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لا??ج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي عوام جي ڀلائي لا??ِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي لا??ِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي وي نيوز ۽ پي ٽي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي وي انگلش ۽ پي ٽي وي هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.