اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جاني نقصان جي مذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد 20 جنوري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا م??يا. هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي وز??راعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آند?? ويندو. وز??راعظم گ??يل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي و?? ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي و?? ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.