راولپنڊي -09 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار م??ي جي برفباري سبب متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ۽ گهڙيال سميت متاثر علائقن جو ٽن ڪلاڪن تائين دورو ڪيو ۽ متاثر علائقن ۾ جاري رليف آپريشن جو جائزو ورتو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار مري سانحي جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلا?? ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (گهرو) پنجاب جي سربراهي ۾ 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ م??ي جي علائقي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جي مالي امداد جو اعلا?? ڪيو آهي. وڏي وزير مري کي ضلع بڻائڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي ۽ فوري طور ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي مقر??ي جي هدايت پڻ ڪئي آهي.