اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو ??هي ته ايندڙ نسلن لاءِ اسان کي پنهنجي ماحول کي بچائڻو آهي، دنيا ۾ هاڻي مو??مي??تي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ احساس پيدا ٿي رهيو آهي، اسان جي حڪومت ٻيلا پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ورلڊ بئنڪ ۽ مو??مي??تي تبديلي واري وزارت جي وچ ۾ سهڪار خوش آئنده آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن مو??مي??تي تبديلي واري وزارت ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ گڏيل بيان تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم ورلڊ بئنڪ جي مدد جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ورلڊ بئنڪ اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل ??هي جيڪو ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، جڏهن ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسان جو حصو سڀني کان گهٽ آهي، وزيرا??ظم چيو ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي ماحول کي بچائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي روڪڻو آهي، وزيرا??ظم چيو ته دنيا ۾ برساتون گهٽ ٿي رهيون آهن ۽ گرمي وڌي رهي آهي، جن ملڪن جي ڪري ماحول متاثر ٿيو ??هي ۽ مو??مي??تي تبديليون رونما ٿيون آهن هن صورتحال جو بروقت ادراڪ نه ڪيو ۽ گهڻي دير سان ان مسئلي جي اهميت کي سمجهيو، هاڻي دنيا ان صورتحال جو ادراڪ ڪري رهي ??هي ۽ اهو احساس پيدا ٿي رهيو ??هي ته ماحول کي بچائڻ جي ضرورت ??هي ڇو ته ان جي منفي اثرن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ ڪو به نٿو رهي سگهي. وزيرا??ظم چيو ته سائيبريا ۾ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي، ڪيليفورنيا ۽ آسٽريليا ۾ ٻيلا باهه جو شڪار ٿي رهيا آهن، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان صورتحال کان تمام گهڻا متاثر آهن، جيڪڏهن دنيا احتياط نه ڪيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڪلچر به متاثر ٿيندو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان به مو??مي??تي تبديلين کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، اسان جا گليشيئرز پگهرجي رهيا آهن ۽ شهرن ۾ ماحوليات جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، وزيرا??ظم چيو ته اسان جيڪي قدم کڻي رهيا آهيون ايندڙ نسلن لاءِ اهي ضروري آهن، 10 ارب وڻ پوکڻ اسان جو اهم منصوبو آهي، جن علائقن ۾ ڪڏهن ٻيلا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن هاڻي اسان ٻيلن جي ڊجيٽل ميپنگ ڪئي ته خبر پئي ته ڪيترائي ٻيلا صرف ڪاغذي حد تائين رهجي ويا آهن ان لاءِ اسان ٻيلا ۽ وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، اهي نيشنل پارڪس اسان جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. ايندڙ نسلن کي به انهن جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته نون نيشنل پارڪس جي تحفظ لاءِ ماڻهو رکيا پيا وڃن، ٽيڪنالاجي ۽ ڊرونز جي ذريعي انهن جي مانيٽرنگ به ڪئي پئي وڃي. سيٽلائيٽ اميج کان به مدد ورتي پئي وڃي، ڊي آءِ خان ۾ اسان ٻيلا لڳايا جنهن سان وائلڊ لائيف جو تحفظ به ممڪن ٿيو ۽ علائقي جي عوام کي به روزگار جا موقعا مليا آهن ۽ سياحت کي به فروغ ملي رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان کي پنهنجي ٻيلن ۽ پارڪس جو تحفظ ڪرڻو آهي، نون منصوبن لاءِ گارڊز رکيا ويندا، وزيرا??ظم چيو ته شهر پکڙجي رهيا آهن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، شهرن ۾ سرسبز علائقا گهٽجي رهيا آهن، مارگلا نيشنل پارڪ کي به تحفظ جي ضرورت آهي، آباديون وڌڻ جي ڪري صاف پاڻي ۽ هوا ??مي?? شهري مسئلا درپيش آهن، ٻيلا گهٽ هجڻ ۽ ماحولياتي آلودگي سان عوام جي زندگين کي به خطرا درپيش آهن، ٻار ۽ ٻڍا خاص طور تي آلودگي جو شڪار ٿي رهيا آهن. وزيرا??ظم چيو ته شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن ۽ شهرن کي هڪ حد ۾ رکيو ويندو. وزيرا??ظم چيو ته مينگروز کي بچائڻ به وڌيڪ اهم آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينگروز جو تعداد وڌڻ خوش آئنده آهي، ان سان وائلڊ لائيف جو به تحفظ ٿيندو. وزيرا??ظم مو??مي??تي تبديلي جي وزارت ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ سهڪار کي خوش آئئنده قرار ڏيندي چيو ته اهو منصوبو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ گهڻو اهم آهي.