اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير ??وڌ??ي فو??د حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته سڌارن جي لاءِ عدالت بدران اسپيڪر آفيس اچن، توهان جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، اي وي ايم جي نظام کي اڳ ۾ صرف سمجهو توهان جا سمورا خدشا ختم ڪنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي حق کان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون، اهو اسان جو چونڊ واعدو هو. هن چيو ته شريف، زرداري فيملي جي سياست ماضي جو قصو آهي?? هاڻي مخالف ڌر ۾ به نئين رانديگرن جو وارو آهي. ايندڙ ٻه سال پاڪستان جي تاريخ ۾ ايندڙ ٻن ڏهاڪن جي سياست طئي ??ندا. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي سياست جو مڪمل خاتمو ايندڙ ٻن سالن ۾ طئي آهي.